جِنڊيءَ جو هنر

جِنڊيءَ جو هنر

جِنڊيءَ جو هنر

جِنڊيءَ جو هنر: جنڊيءَ جو ڪم يا هنر، اسان جي گهريلو يا ديسي هنرن مان، مشهور ۽فائديمند هنر آهي. هي هنر انسان ذات جي قديم هنرن مان هڪ آهي ۽ اڄ به پنهنجو خاص ۽ مٿاهون مقام رکي ٿو. جنڊيءَ جو هنر صدين جي سفر کان پوءِ به انهيءَ شروعاتي حالت ۾ رهيو آهي ۽ ڪا گهڻي ترقي نه ڪري سگهيو آهي. ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ گهٽ همٿايو ويو آهي. وسيلن ۽ سرپرستيءَ سان هن هنر ۾ ڪجهه سڌارو آيو، پر وڌيڪ وسيلن ۽ سرڪاري سرپرستي سان معيار کي بهتر ڪري سگهجي ٿو. هن هنر سان مٽا سٽا جي ناڻي ڪمائڻ ۾ ملڪي اقتصاديات کي چڱي مدد ملي سگهي ٿي. لفظ ’جنڊي‘ جنڊ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: چڪر کائيندڙ، ڦرندڙ ۽ اصطلاحاً ان کي جنڊي چئبو آهي. جيئن ته جنڊيءَ جي ڪم ۾ ڪاٺ کي گهڙي گول ڪري، اڏيءَ تي چاڙهي، هنرمنديءَ سان چڪرن ۾ آڻي، ان کي رنڱي ۽ چٽي خوبصورت بنائبو آهي، ان ڪري ان کي ’جنڊيءَ جو هنر‘ سڏيو وڃي آهي. جنڊيءَ جي هنر ۾ بنيادي طور جيڪو به خام مال ڪتب ايندو آهي، سو مقامي طور تي ملندو آهي.. ان لاءِ ڪنهن به شيءِ جي ٻاهران گهرائڻ جي ضرورت نه پوندي آهي. جنڊيءَ جي ڪم لاءِ گهربل خام مال: ڪاٺ، رنگ ۽ اوزار آهن؛ باقي ڪم هنرمند جي صلاحيت ۽ هنرمنديءَ واسطو رکي ٿو. سنڌ ۾ گهربل ڪاٺ جي اڻاٺ نه آهي. ٻيلن مان گهربل ڪاٺ ضرورت موجب آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهجي ٿو. رنگ به هنرمند پنهنجو ملڪي پيداوار مان بنائين ٿا ۽ اوزار به پنهجي ضرورت آهر پاڻ ئي ٺاهن يا ٺهرائين ٿا. اسان وٽ لوهه جي کوٽ به آهي، البت ترقي يافته ۽ سڌريل وسيلن کان ڪم وٺڻ لاءِ گهربل مشينري جهڙوڪ: آرا مشين ۽ جنڊيءَ جون مشينون وغيره به ملڪي انجنيئرنگ ورڪس وسيلي سولائي سان تيار ڪرائي سگهجن ٿيون. جنڊيءَ جي ڪم ۾ ڪتب ايندڙ قديمي اوزارن ۾ واهولو، آري، اڌي، ڪماني، نهون، رنبي، صلاح، ريگمال يا وارو پنو، ڪاٺ جو ٻورو، منجي يا صندلي، سياري ۽ لوهه جو گز اچي وڃن ٿا. هي اهي اوزار آهن، جيڪي ڪاٺ جي گهڙائيءَ يا جنڊيءَ تي چاڙهڻ جي ڪم اچن ٿا. جنڊيءَ تي ٻورائي خواهه رنڱائي لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو. ٻين لفظن ۾ ان کان سواءِ جنڊيءَ جي اڏي يا اڏيءَ جو مڪمل هئڻ تصور ئي نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته اهو اوزار هٿن ۽ پيرن جي جهل لاءِ ڪتب اچي ٿو. اهو ڪچي لوهه جي مستطيل پٽيءَ جو ئي ٿئي ٿو ۽ انچ سوا انچ کان وڌيڪ ويڪرو نٿو ٿئي. هن جي سري وٽان سوراخ ٿئي ٿو، جيڪو ڪاٺ جي ڪليءَ جي مٿان ڇڏيل بوما چوٽيءَ ۾ اٽڪائي ڇڏبو آهي ۽ ان جو ٻيو سرو اڏيءَ جي ڦٽيءَ تي رکبو آهي. جنڊيءَ ۾ ڪاٺ جي ڇلائي يا ٻورائي ۾ ڪتب اچن ٿا. ان کان پوءِ رنڱائي جو ڪم ٿئي ٿو، جنهن لاءِ خاص طرح جا رنگ استعمال ڪيا وڃن ٿا. رنڱائي کان پوءِ چٽساليءَ جو ڪم ٿئي ٿو، جنهن کي محاوري ۾ ’نقشي‘ چوندا آهن. اڏيءَ جي گڏيل صورت هن طرح ٿئي ٿي.
(1) جنڊيءَ جي اڏي يا گهوڙي، (2) ڪاٺ جو گول ٽڪر اڏيءَ تي چڙهيل، (3) لوهه جي گزي يا گز جهل طور ڪتب ايندڙ، (4) ڪماني جيڪا ڪاٺ جي ٽڪر کي گول ڦيرائڻ يا چڪر ۾ رکڻ لاءِ ڪم اچي ٿي، (5) اڏيءَ جو ٻيو حصو چورس ڪلو هوندو آهي، جنهن ۾ سنبو يا لوهه جي ميخ لڳل ٿيندي آهي، (6) ڪاريگر جي صندلي يا منجي جيڪا گهڻو ڪري واڻ سان واڻيل ٿيندي آهي يا وري ڪاٺ جي ڦٽن يا پٽين سان ڍڪيل هوندي آهي، (7) ڪاريگر جي اوزارن جي پيتي. اڏي يا گهوڙي هميشه ڪاريگر جي ڏائي پاسي کان هوندي آهي. اڏيءَ جي پير وٽان ڪاريگر جي صندلي يا منجي پيل هوندي آهي، اوزارن جي پيتي ڪاريگر پنهنجي سهولت آهر کاٻي يا ساڄي پاسي کان هٿ جي پهچ اندر رکندو آهي. ڪاريگر ڪم تي ويهڻ وقت هٿن ۽ پيرن کان هڪ ئي وقت ڪم وٺندو رهندو آهي، پر گز رکندو، چوريندو پوريندو آهي ۽ صلاح کي به هڪڙي پير جي آڱوٺي ۾ پهرين آڱر جي وٿي سان قابو رکندو ۽ چوريندو پوريندو آهي، ساڄي هٿ سان ڪماني هلائيندو آهي ۽ کاٻي هٿ سان پورائي ۽ رنگائيءَ جا اوزار استعمال ڪندو آهي. جنڊي سازيءَ ۾ ڪاٺ کي رنڱڻ لاءِ جيڪي رنگ استعمال ٿين ٿا سي خاص قسم جا ٿيندا آهن ۽ اهي ڪاريگر ئي لاک ۽ عام ڪپڙي جي خالص رنگن جي ملاوٽ سان، لاک ترڪيب هيٺ ٺاهيا ويندا آهن. وڏيءَ محنت ۽ مشقت سان لاپ ڏڏري، ڇنڊي ڇاڻي، ان ۾ گهربل رنگ جو مقرر وزن ملائي گرم ڪري ليئي وانگر بنايو ويندو آهي. پوءِ ان کي سنئينءَ سطح واري ُبنڊ تي پلٽي، وڏي وزندار ڪهاڙي جي پٺ سان تيستائين ٺپيندو رهبو آهي، جيستائين اهو چيڙهالو ٿي معياري حد تائين سڪي نٿو وڃي. جنڊيءَ جي ڪم کي ٽن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهريون اوائلي، ٻيو ۽ ٽيون هلندڙ. اوائلي دور ۾ جنڊيءَ جو سادو پهريدار ڪم ٿيندو آهي، جنهن ۾ مختلف رنگن سان رڱيل رول جي مدد سان جنڊيءَ تي چهٽيل ڪاٺ جي گهڙيل يا پوريل ٽڪر تي سڌا ليڪا مختلف رنگن جا ڪڍي پوءِ ڪمانيءَ سان ڦيرن يا چڪرن ۾ آڻي، ان کي رڱاٺيءَ سان سوت جي وٿيءَ سان گهڪا ڏنا ويندا آهن. اهي ليڪا هڪ طرح جا پٽا بنجي ويندا آهن ۽ مختلف رڱن جي ميلاپ ڪري اهي پٽا گڏجي ديده زيب ڏسڻ ۾ اينداآهن. رنگن ذريعي ڪيتريون ئي شيون رڱيون وڃن ٿيون، جهڙوڪ: اڳٺ راهڻيون، دال مڌيئڙا ۽ ڏويون وغيره، پر اڄڪلهه انهن ايترو رواج نه رهيو آهي. نئين دور ۾ نقاشي يا نقشي ڪم شروع ٿيو، پر جاميٽري واري نقشي جو ڪم، جيڪا پلڪار جي مدد سان ڊزائين ڪڍڻ ۽ هٿ سان چورس ٺاهڻ ۽ انهن ۾ سڌن ليڪن ۽ ٽٻڪن سان ڊزائين بنائڻ جي صورت هئي، اڄ کان 50-60 سال اڳ ان قسم جي چٽساليءَ جو عروجي دور هو. ان جي خاص خوبي خاص رنگن جي ملاوٽ ۽ ڊزائين جي نفاست هئي. ماضي قريب ۾ اهڙي چٽساليءَ جو استاد ڪاريگر مرحوم غلام قادر ڊکڻ سومرو ڪشمور ۾ ٿي گذريو آهي، جنهن جي ڪم جا نادر نمونا اڄ به سنڌ ۽ پنجاب جي وڏ گهراڻي امير ماڻهن جي گهرن ۾ محفوظ آهن. دڙي (ڪنڌڪوٽ) جا سندراڻي مير صاحبان ۽ روجهاڻ (راجنپور پنجاب) جا مزاري سردار ڳڻي سگهجن ٿا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو